پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ ڊي اي او پاران تعليم بابت سيمينار، ٽيبلوز پيش

خيرپور: 8 سيپٽمبر لٽريسي ڊي جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لٽريسي خيرپور ۽ آ آر سي جي تعاون سان تعليم جي اهميت جي حوالي سان هڪ سيمينار آ آر سي خزانا هوٽل ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لٽريسي خيرپور اياز حسين مهيسر ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص صفر ڦلپوٽو ڊسٽرڪٽ مينيجر آ آر سي خيرپور، فردوس ڦلپوٽو ٽي اي او پرائمري فيميل خيرپور، محمد يوسف بگٽي ٽي اي او ميل پرائمري خيرپور، محمد يعقوب سولنگي سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪٽ لٽريسي آفيس هو. صدارتي خطاب ڪندي اياز مهيسر چيو ته اچو ته ماڻهن کي تعليم ڏياري شعور پيدا ڪريون، جيڪي ماڻهو تعليم اچڻ کانپوءِ به بااخلاق نٿا ٿين، انهن کي تعليم يافتا نٿا چئي سگهون، لٽريسي جي معنيٰ آهي ڄاڻ آهي، جيڪا سڀني ۾ هجڻ گهرجي. ان موقعي تي مختلف اسڪولن مان آيل ٻارڙن تقريرون، ٽيبلوز پيش ڪيا. جڏهن ته استاد ذوالفقار سومرو، استاد امداد ٽانوري، استاد محمد موسيٰ، سيد نعيم عباس شاهه، نديم جاگيراڻي، ياسين ڊوگر، اظهار شيخ، اسڪائوٽس ۽ تعليم سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button