پاڪستان

يو اي اي کي به ٻوڏ متاثرن جي ڳڻتي، هڪ ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان

گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ٻوڏ متاثرن لا هڪ ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. يو اي اي جي ثقافت واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان طرفان اهڙو اعلان ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف دوست ملڪ جا ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرن لا انفرادي سطح تي ڏنل هي سڀ کان وڏو عطيو آهي، جيڪو پاڪستاني عوام سان بي لوث محبت ۽ انسانيت لا دل ۾ درد رکڻ جو ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام انهي ايثار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، جڏهن ته امدادي رقم سان ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي واري عمل ۾ وڏي مدد ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button