پاڪستان

ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ تي پ پ اميدوار مايوس آهن: بلاول ڀٽو

ڪراچي: ملڪ جي 13 تڪن ۾ ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ تي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ردعمل سامهون آيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول جو چوڻ هو ته عمران خان ڪيستائين لاڏلو رهندو؟ ملتان ۽ ڪراچي جا منهنجا اميدوار ننڍي چونڊ اوچتو ملتوي ڪرڻ تي مايوس آهن. بلاول چيو ته ننڍي چونڊ لاءِ پ پ اميدوار پنهنجي تڪ جي خدمت لاءِ بيچين آهن، ننڍي چونڊ وارن تڪن ۾ ڊگهي عرصي تائين نمائندگي ناهي. پ پ چيئرمين وڌيڪ لکيو ته چونڊ تياري جي آخري مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي اليڪشن مان ڀڄڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. واضح رهي ته ملڪ جي مختلف تڪن ۾ 11، 25 سپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي رٿيل ننڍي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button