پاڪستانسنڌ

تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ ضمانت تي آزاد

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ سينٽرل جيل مان آزاد ٿي ويو آهي. زمين تي قبضن واري ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي اينٽي انڪروچمينٽ عدالت هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض اپوزيشن ليڊر جي ضمانت منظور ڪئي. عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن حليم عادل شيخ ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد ناهي ته کيس فوري آزاد ڪيو وڃي. عدالت ۾ پيشي وقت حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ پوليس کي سڀ کان وڏو دهشتگرد رڳو حليم عادل شيخ نظر ايندو آهي، باقي ڏوهارين کين نظر ئي ناهن ايندا. آزادي بعد جيل ٻاهران پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن حليم عادل شيخ جو استقبال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button