پاڪستان

سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ وڌيڪ 36 حياتيون کسي ورتيون، مجموعي طور 1391 فوتگيون

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ جي ڪري وڌيڪ 36 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي جاني نقصان وڌي 1391 ٿي ويو آهي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لا قائم ڪيل وفاقي اداري اين ڊي ايم اي مطابق 14 جولا کان 8 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1391 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ 496 ٻار شامل آهن، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 12 هزار 722 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن. اين ڊي ايم اي مطابق سنڌ صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 577 ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏ سبب زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن، خيبر پختونخوا ۾ 293، بلوچستان ۾ 263 ۽ پنجاب ۾ فوتين جو انگ 191 آهي. سڄي ملڪ ۾ 80 ضلعا برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪا آهن. 3 ڪروڙ 30 لک 46 هزار 329 ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن، 6579 ڪلوميٽر رستا برساتن ۽ ٻوڏ جي تيز وهڪرن ۾لڙهي ويا، جڏهن ته 7 لک 53 هزار 187 جانورن کي نقصان پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button