پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ بااثر شخص خلاف رهواسين جو مظاهرو

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ دائم فقير حاجاڻو ۾ اميربخش حاجاڻو، ڌڱاڻو خان حاجاڻو ۽ ٻين جي گھرن ۾ بيٺل وڻ بااثر شخص وڍرائي ڇڏيا، جڏھن ته پوليس بااثر خلاف اين سي ڪاٽڻ باوجود ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. ان حوالي سان ڳوٺاڻن اميربخش حاجاڻو، ڌڱاڻو خان حاجاڻو ۽ ٻين بااثر خلاف مظاهرو ڪيو. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گھرن جي اڱڻ اڳيان بيٺل وڻ بااثر وڍرائي ڇڏيا آهن، پلاٽ سرڪاري آھي، بااثر اڄ اوچتو ماڻھو وٺي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي وڻ وڍرائي ظلم ڪيو، رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪا ڪارروائي نٿي ڪري. ھنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button