اسلام آبادپاڪستانعالمي

وزيراعظم جو راڻي الزبٿ جي لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم کي تعزيتي خط

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف برطانيا جي راڻي الزبٿ جي لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم الزبٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته راڻي الزبٿ جي لاڏاڻي تي اوهان ۽ اوهان جي مدد سان شاهي خاندان سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته راڻي جي حيثيت سان، برطانيا تي سڀ کان ڊگهي مدي تائين حڪمراني ڪرڻ سان گڏوگڏ الزبٿ هن سموري عرصي ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا ۾ هاڪاري تبديلين ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته الزبٿ جي دولت مشترڪه لاءِ خلوص ۽ ان جي اڻ ٿڪ نگراني ۾ هي تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنطيم بڻجي وئي. شهبازشريف چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ خدمتن جي باوجود راڻي الزبٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنياجي ماڻهن لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي. شهبازشريف چيو ته يونائيتيد ڪنگڊم ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستاني عوام جا الزبٿ لاءِهميشه احترام ۽ عزت وارا جذبا رهيا. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل سندس حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ راڻي الزبٿ وچ ۾ ان عزت ۽ احترام جي رشتي ۾ اڃا وڌيڪ مضبوطي آئي. وزيراعظم چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button