اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي پيشي،پوليس گاڏي جو صحافي کي ٽڪر،اسپتال منتقل

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي ڊي جي آئي آپريشنل سهيل چٺا جي ڊرائيور هاءِ ڪورٽ گيٽ سامهون صحافي تي گاڏي چاڙهي ڇڏي. ڊرائيور مبينا طور تي ڊرائيونگ دوران لاڳيتو موبائيل استعمال ڪري رهيو هو، نتيجي ۾ حادثو ٿيو. صحافي جو پير زخمي ٿيڻ تي کيس اسپتال پهچايو ويو. شنوائي کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس صحافين سان بداخلاقي به ڪئي. جڏهن ته گهرو وزير صحافين سان بدتميزي ۽ هڪ صحافي کي پوليس گاڏي جي ٽڪر جو نوٽيس وٺندي آئي جي اسلام آباد کي ترت جاچ ڪري ڪارروائي جي هدايت ڪئي. ان حوالي سان گهرو وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن جي صدر ثاقب بشير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اعظم نذير تارڙ، آئي جي اسلام آباد اڪبر خان ۽ صحافين جا نمائندا شريڪ ٿيا. ثاقب بشير چيو ته عدالت ايس او پيز تي عمل به ڪري رهيا آهيون، پوليس پوءِ به تذليل ڪري ٿي. سيڪيورٽي اهلڪارن پاران غير ضروري طور تي ذميواري نڀائڻ کان روڪيو پيو وڃي. گهرو وزير رپورٽرز ايسوسيئيشن جون شڪايتون ٻڌڻ کان پوءِ آئي جي اسلام آباد کي صحافين جا خدشا ترت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button