اسلام آبادپاڪستان

گم ماڻهن جو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن انڪئميرا شنوائي ٿئي:گهرو وزير

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي چيو آهي ته ڪجهه اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي اوپن ڪورٽ ۾بيان نٿيون ٿي سگهن، هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته جيتري قدر هن ڪيس جو معاملو آهي، هن کان وڌيڪ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪٿي نٿي ٿي سگهي. اوهان ماڻهن جي مائٽن ۽ پيارن کي گم ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس جنهن نموني هن معاملي تي زور ڏنو، ان سان ماڻهن کي اڳ به رليف مليو آهي. حڪومتي ڪوششن سان به ماڻهن کي رليف مليو آهي. هن چيو ته مسئلي جي حل لاءِ مدد ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انڪئميرا شنوائي ڪري. ان دوران صحافي سوال ڪيو ته عمران خان چوي ٿو ته جيل وڃي اڃا وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس. ان تي هن چيو ته هي صرف ڪرڻ جون ڳالهيون آهن. جڏهن جيل ويو ته کيس عقل اچي ويندو. ڏٺو وڃي جيل وڃڻ جي موسم گذري رهي آهي، جولاءِ آگسٽ ۾ موڪلڻ گهرجي ها. جڏهن ته اعظم نذير تارڙ ڳالهائيندي چيو ته غائب ماڻهن جو مسئلو 15-20 سال پراڻو مسئلو آهي. ڪابينا جي ماتحه ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ٽن پاسن کان هن مسئلي کي ڏسي رهي آهي. مان ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت ڪريان ته اها ناانصافي ٿيندي. سنجيده معاملو آهي، ان بابت اوهان ماڻهن سان به ڳالهائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button