کهڙا: کهڙا ۽ ڀرپاسي ۾ سم نالي ۽ برسات جي پاڻي ۾ ڪابه گهٽتائي نه ٿي، جڏهن ته سم نالي ۽ ڪليري شاخ جا ڪٽ بند نه ٿيڻ سبب پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري شهري پنهنجي مدد پاڻ پاڻي کي روڪڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. ٻي پاسي ڳوٺ ڏاتو ناريجو جي متاثر ڳوٺاڻن علي اڪبر، غلام علي، نظير احمد، علي حسن، حسين بخش، غلام اصغر ناريجو ۽ ٻين پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جو ڳوٺ برسات سبب تباهه ٿي ويو آهي، گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن، فصل پاڻي هيٺ اچي ختم ٿي چڪا آهن پر حڪومت هن وقت تائين اسان جي سار نه لڌي آهي. هوڏانهن ڳوٺ ملھار شيخ جي رهواسين نبي بخش شيخ، سليمان شيخ، آصف شيخ ۽ ٻين مظاهرو ڪندي چيو ته ڳوٺ ملھار شيخ ۾ چار سئو گهر ٻڏي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close