اسلام آباد :گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر معزز مهمان جي آجيان ڪئي. انتونيو گوتريس اهم ملاقاتون ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو. انتونيو گوتريس عالمي برادري کي امداد جي اپيل به ڪندو هو. شهبازشريف سان ملاقات ۽ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري سميت ٻوڏ جي متاثر علائقن جو دورو ڪندو. جڏهن ته انتونيو گوترين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن سان گڏوگڏ بلوچستان ۽ سنڌ، سکر، اوستا محمد، موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاڻي جو به دورو ڪندو جتي هو امدادي ڪمن ۾ شروع کان سرگرم ڪارڪنن سان ملاقات سميت ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. سيڪريٽري جنرل ٻوڏ سٽيل علائقن جي صورتحال جو پاڻ مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ هو جمعي جي شام ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close