اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺ ڪونڀاريو جي رهواسي وريام درس برادري جي ماڻهن الهجڙيو درس،ممتاز، الطاف، بهادر، لياقت، انور، گمشاد علي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته مقامي بااثر وڏيرن مير حسن سمون، بائيد، طيب، محمد علي، غلام حسين، مهراڻ، موچار، حمير، صلاح، عطاالله، امام علي ۽ ٻين لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهن گذريل شام جو ڪهاڙيون ۽ لٺيون کڻي هلان ڪري منهنجي پوکيل ٻني ۾ بيٺل فصل کي ڀيلائي ٻن پٽن ۽ ڀائيٽن کي مارڪٽ ڪري جهونپڙي کي پٽي ڇڏيو ۽ منهنجي 10 ورهين جي معصوم پٽ اعظم علي کي کڻي گم ڪري ڇڏيو، ڳولا ڪرڻ باوجود معصوم پٽ جي خبر نٿي پوي، شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس رڳو آسرا ڏئي رهي آهي. بااثر جوابدارن پاران فصل ڀيلائڻ بعد هڪ وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکي، جنهن ۾ سمورا جوابدار لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي جشن ملهائي رهيا آهن. هن اختيارين کان گهر ڪئي ته منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطي تي ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ ٻڌايو ته اهڙو ڪو به واقعو نه ٿيو آهي، ٻنهي ڌرين ۾ زمين جو ماملو ٿيو آهي، هڪ ڌر گئوچر تي پوکي ڪئي، ٻي ڌر اعتراض ڪيو، جنهن سبب تڪرار پيدا ٿيو، باقي ٻار کي گم ڪرڻ واري ڳالھه ۾ ڪا صداقت ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close