شھدادپور: شھدادپور ۾ گذريل رات ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي ڪنهن ڳالھه تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل وئن ڊرائيور ايوب ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن هالا چوڪ تي لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن مظاهرين تي لٺبازي ڪري ڏني ۽ روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌرڻي سبب هالا، ٽنڊوآدم، شاهپورچاڪر، نوابشاهھ ۽ حيدرآباد سميت ٻين شھرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويو. مقتول جي وارثن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن پاران لٺبازي ڪرڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته اسان تي ٿيل تشدد جو نوٽيس وٺي مقتول پورهيت جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. احتجاج جي اطلاع تي ايس ايڇ او طفيل ڀٽو پهچي ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتارڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close