حيدرآباد: حيدرآباد جي قاسم آباد جي گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۾ ٻن جوڙن جي شادي تقريب، ٻِوڏ متاثر ڪنوارن کي بيوٽي پالر مان تيار ڪري سجايل پنڊال ۾ آندو ويو. ٻوڏ متاثر عورتن سهرا ڳائي خوشين ۾ شرڪت ڪري جوڙن جي رخصتي ڪئي. خبر موجب حيدرآباد ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن مان ٻوڏ متاثرن ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد جي گرلس ڪاليجن، بوائز ڪاليجز، سحرش نگر پرائمري اسڪول ۽ گنجو ٽڪر وٽ ٽينٽ سٽي قائم ڪيو ويو آهي. ٻهراڙي تعلقن جي اسڪولن ۾ ريليف ڪيمپ قائم ڪيون ويون آهن. ضلعي انتظاميا موجب ته حيدرآباد ۾ ٻوڏ متاٽر ماڻهن جي 108 ريليف ڪيمپ قائم ڪيل آهن، جتي هن وقت تائين ساڍا 15 هزار ماڻهو ترسيل آهن. جتي اڃا ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف گورنمينٽ گرلس ڪاليج قاسم آباد ۾ خيرپوناٿن شاهه واسي ٻن جوڙن جي شادي تقريب ٿي گذري. تقريب عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ڪليم ملڪ، نظير قريشي ۽ شهزادي طرفان ڪوٺائي وئي. جتي اڳواڻ عورتن ۽ ٻوڏ متاثر عورتن طرفان سهرا ڳائي جوڙي جون شادي جون رسمون ادا ڪيون ويون، جتي ٻوڏ متاثرن ڄاڃين طور شرڪت ڪئي. ٻوڏ متاثرن عورت سهرا ڳائي جوڙن جي رخصتي ڪئي. ان ڏي ۾ خيرپورناٿن شاهه واس عامر پنهور جي شادي صبا ۽ سجاول پنهور جي شادي سنڌو سان ڪرائي وئي. ڪنوارن کي بيوٽر پالر تان تيار ڪرايو ويو. گهوٽن کي هار پارائي ماني جي دعوت پڻ ڪئي وئي. ساڳئي ڪيمپ تي موجود ٻگهيو، گاڏهي، چانڊيو ۽ ٻين برادري جي نوجوانن چيو ته اسان قمبر، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف مزدوري ڪري ڀاڄيون، مڇي ۽ پڪوڙن جو ڪاروبار ڪري پيٽ پاليندا هئاسين، هتي به اهي ڪم ڏنو وڃي يا سبزين جا ريڙها ڏنا وڃن ته روزگار ڪري سگهون ٿا. ڪيمپن تي واندو ويهڻ ۾ مزو نٿو اچي. جڏهن حيدرآباد ۾ ريليف ڪيمپ تي جوڙن جي شادي تقريب دوران مختيارڪار قاسم آباد 25، 25 هزار جوڙن کي خرچي ڏني، جڏهن ته خرچ جي سلسلي ۾ 50 هزار پڻ ڏنا. جڏهن ته عباسي فائونڊيشن جي اڳواڻ مصطفى عباسي اعلان ڪيو ته ٻن ڌار ڌار جوڙن کي فرنيچر لاءِ 25، 25 هزار ڏنا ويندا. ساڳئي وقت ڪاليج جي ليڪچرر ۽ ٻين عورتن جوڙن کي 50، 50 هزار خرچي ڏني، جوڙن جي شادي تقريب، ڏاج ۽ ٻئي سامان جو بندوبست اي جي پي تنظيم طرفان ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close