حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي حيدرآباد جي ٻھراڙي جي ڳوٺن ھمون پوٽا، طالب الموليٰ ڪالوني، ٽنڊو سيد خان، مسو ڇلگري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ سامان ورھايو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳوٺاڻن ۽ متاثرن سان ڳالهائيندي چيو تہ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وزير عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رھيا آھن. ھنن ڪچي ۾ غير قانوني طور زمينن تي قبضا ڪيا آهن ۽ پنهنجي فصلن کي بچائڻ خاطر پاڻي کي اڳيان رستو ڏيڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. ڀان سيد آباد کي ٻوڙيو پيو وڃي، سورجاڻي يا منارڪي بند ٽٽي سگھن ٿا. سنڌ جو بچيل سجاول ضلعي کي ٻوڙي تباهي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھن وقت ٻنون، اٽل شاھه سورجاڻي بند کي وڏيون روڙيون لڳيون آهن. انتظاميا غائب آهي. نااھل ڪرپٽ چونڊيل نمائندا ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران غائب آھن. هن چيو تہ سنڌ ۾ بغاوت جنم وٺي رهي آهي. ڇا سنڌ ڪو مقبوضہ علائقو آهي، جتي ماڻهن کي اڪيلو مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويو آھي؟ پندرنهن سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ پ پ عوام کي قيامت جهڙي گهڙي ۾ اڪيلو بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ بعد سنڌ جا ايرل ويو ڏيکاري دنيا کان امداد وٺڻ ۾ مصروف نظر ايندڙ حڪمران سنڌ ۾ آيل برسات کي قدرتي آفت قرار ڏئي اھڙي بيحسي جي تصوير ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڄڻ تہ سندن وس ۾ ڪجهھ بہ نہ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو هر ڳوٺ ۽ شهر ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، وڏي تعداد ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، سوين گهر ڊهي پيا آهن، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، هزارين ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباھ ٿي ويا آھن، ٻوڏ جو نقصان تيزي سان وڌي رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن وٽ پنهنجي پيارن کي دفن ڪرڻ لاءِ زمين جو ٽڪرو بہ ناهي. طوفاني ٻوڏ سبب روزانو ڪمائيندڙ لکين سنڌي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close