ڀٽ شاھه: حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي 279 ھين عرس مبارڪ جون رسمون اڄ 13 صفر 10 سيپٽمبر کان شروع ٿي رھيون آھن. اڄ 13 صفر جي رات قائم مقام سجادھه نشين سيد خاور حسين شاھه لطيفي جي اڳواڻي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھري ويندي. سڀاڻي 14 صفر 11 سيپٽمبر تي اوقاف کاتي طرفان صوبائي صلاحڪار سيد احمد رضا شاھه جيلاني جي قيادت ۾ مزار تي چادر چاڙھي ويندي. اوقاف کاتي پاران درگاھه تي چراغان ڪري زائرين لا انتظام ڪيا ويا آھن. ميلا گرائونڊ تي زائرين کي تفريح ڏيڻ لا سرڪس، جھولا، موت جو کوھه بـه قائم ڪري ميلي جي بازار سجائڻ جو ڪم بـه آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي. سرڪاري سطح تي عرس مبارڪ جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آھن پر آخري ڏينھن تي ثقافت کاتي طرفان حيدرآباد ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب رکي وئي آھي. ساڳئي آخري ڏينھن 16 صفر تي قائم مقام سجادھه نشين سيد خاور حسين شاهھ پاران مريدن کي ديدار ڪرائي ھال ڌاڳن جي رسم ادا ڪئي ويندي ۽ اديبن جو وفد بـه ڀٽ شاھه پھچي لاکيڻي لطيف جي مزار تي حاضري ڀريندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close