سنجھورو: سانگهڙ ۾ مبينا طور قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ما سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف ٿيو آهي. وارثن سنجهوري ۾ لاش رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ سانگهڙ جي واپڊا ڪالوني مان خانگي اسپتال جي ميٽرنٽي هوم ۾ ڪم ڪندڙ 27 ورهين جي ٻن ٻارن جي ما انيلا جٽ ڌي فقير محمد جٽ جو لاش مليو هو، جيڪو سول اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. معلوم ٿيو آهي ته اصغر مري نالي شخص انيلا جٽ جو لاش اسپتال آندو ۽ چيو ته عورت جا مائٽ ساڻس ناراض آھن ۽ اهي نه ايندا، مون کي تدفين ڪرڻي آھي، ضروري ڪارروائي ڪري لاش منهنجي حوالي ڪيو. اسپتال عملي اصغر مري کي چيو ته عورت جي وارثن کي اطلاع ڪريو، جنهن تي اصغر مري انيلا جٽ جي فون تان ئي سندس وارثن کي اطلاع ڪيو ۽ هوڏانهن اسپتال عملي سانگهڙ پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ بعد ۾ لاش وارثن کي ڏنو. اسپتال ذريعن مطابق ڊاڪٽرن جي شروعاتي رپورٽ ۾ انيلا جٽ سان اجتمائي لڄالٽ ۽ تشدد جي تصديق ٿي آهي. عورت جي ڳلي ۽ ٻانهن تي تشدد جا نشان آهن. ٻئي پاسي وارثن ۽ ٻين ماڻهن سنجهور پريس ڪلب اڳيان عورت جو لاش رکي انيلا جي ما سڪينه جٽ، جٽ ويلفئر اڳواڻن محبوب جٽ، يونس جٽ، افضال جٽ ۽ ظھير جٽ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ۾ سوين عورتن ۽ ٻارن به شرڪت ڪئي، 5 ڪلاڪ ڌرڻي دوران شٽربند ھڙتال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. صحافين سان ڳالھائيندي انيلا جي ما سڪينه جٽ چيو ته ڌي رات 8 وڳي فيشل ڪرائي تيار ٿي وئي ھئي، صبح جو واپسي وقت اسان فون ڪندا رھياسين، پر اسان جو فون اٽينڊ نه ٿيو، ڏينھن جو 12 وڳي اصغر مري نالي همراھه انيلا جي نمبر تان فون ڪيو ته اوھان جي ڌي پکي ۾ لٽڪي ڦاھو کاڌو آھي، ان جو لاش سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پيو آھي. ڌي جي جسم تي تشدد جا نشان آھن، نياڻي کي 2 ٻار آهن، سندس ڪراچي ۾ شادي ٿيل ھئي، هو ڪجھه مهينا اڳ مڙس ارشد جٽ کان ڪاوڙجي مون وٽ آئي ھئي. انيلا جي ما سيشن جج سانگهڙ ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان انصاف جي گهر ڪندي چيو ته پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري. ڌرڻي دوران پ پ اڳواڻ حاجي راڻا انور ۽ ڊي ايس پي سانگھڙ آصف آرائين پهچي ڳالهيون ري احتجاج ختم ڪرايو ۽ وارثن جي شڪ ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close