پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ٻيهر برسات شروع ٿي وئي، کنوڻ ڪرڻ سبب ڌنار فوت

حيدرآباد: سنڌ ۾ برساتن کي 20 ڏينهن گذرڻ بعد ٻيهر وسڪارو شروع ٿي ويو. کنوڻ ڪرڻ سبب ڌنار فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٻن ڏينهن جي سخت گرمي ۽ حبس بعد اٽڪل هڪ مهيني جي وقفي کانپوءِ بدين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻيهر برسات جو وسڪارو شروع ٿيو، آڌي رات تيز هوائن سان شروع ٿيل مينهن ٻوڏ سبب پنهنجا گهر ڇڏي روڊن تي ٽينٽ ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جا اهنج وڌائي ڇڏيا. چوھڙ جمالي ۽ آسپاس ھوائن سان گڏ تيز برسات پئي، جنهن ڪري بچا بندن تي ويٺل ٻوڏ متاثر پريشان ٿي ويا. ڏيپلو ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ جي تجلن سان برسات پئي. ڳوٺ کونڊڙي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 20 سالن جو نوجوان امين ولد قاسم ڀنڀيو فوت ويو. وارثن ٻڌايو ته نوجوان ٻڪرين سان گڏ جهنگ ۾ ھو، رات دير سان برسات سان گڏ کنوڻ به ٿي رھي ھئي، اسان صبح جو وڃي ڏٺوته نوجوان فوت ھو، نوجوان کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ننگرپارڪر، نئون ڪوٽ، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ تيز مينهن وسيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button