پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت سنجيده ٿي پاڻي نيڪال لاءِ مستقل حل ڳولي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي سنجيده ٿئي ۽ آبپاشي جي ماهرن ادريس راجپوت، بشير احمد ڏهر ۽ نور محمد بلوچ جي مدد وٺي کين هيليڪاپٽر تي سنڌو جي رائيٽ بئنڪ ۽ ليفٽ بئنڪ تي وزٽ ڪرائي پاڻي نيڪال جي لاءِ مستقل رٿابندي ڪئي وڃي اهڙو مطالبو هن ڪالهه قاسم آباد، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران قائم برسات متاثرن جي ڪئمپن جي دوري ۽ متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪرڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت وٽ وزٽ لاءِ هيليڪاپٽر جو تيل ناهي، ته اسان چنڊو ڪري ڏينداسين پر هاڻي سنجيده ٿي سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ مستقل حل ڳولهڻو پوندو.

هن چيو ته آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جي غلط رٿابندي سبب اربين روپيا خرچ کانپوءِ اها فائدو نه ڏيئي سگهي پر ويتر وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي آهي. هن وقت سڄي سنڌ ۾ انتهائي دردناڪ صورتحال آهي پر انهي ۾ ماڻهن جي جيڪا ٿوري گهڻي مدد ٿي ان ۾ ماڻهن پنهنجي همٿ ڪئي آهي فردن ۽ فلاحي ادارن پنهنجي پنهنجي وس آهر ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي کين جس هجي. پر سنڌ حڪومت جي اڃان تائين ساڳي بي حسي روايتي پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪري پئي جنهن تي افسوس آهي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو، حيدر شاھاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، محمد علي ابڙو، رستم لاشاري، نصرت حسين چن ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button