حیيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي قاسم آباد جي مختلف ڳوٺن، واڻڪي وسي، مسوڀرڳڙي جو دورو ڪري متاثرن ۾ راشن بسڪيٽ، کير، جوس، پيمپر، پاڻي، نمڪو، ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون تقسيم ڪيون. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ڪڏھن به عوام جي مشڪل وقت ۾ واھر نه ڪئي آھي. سنڌ حڪومت جي وزيرن ھميشه ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کي ڪمائي جو ذريعو بنايو آھي. عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي،.
مرد، عورتون ۽ ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ نااهلي جي ڪري شاھوڪار سنڌ جا حقيقي وارث سنڌي لکين ڀائر، ڀينرون، بزرگ، مائرون ۽ ٻار سخت گرمي، آس ۾ کليل آسمان هيٺان روڊن جي ڀرسان ويٺا آهن مڇر پٽين پيا معصوم ٻارڙن جي رڙيون پيا ڪن، عورتون، ٻار بکيا ويٺا آهن ۽ جيڪي پنھنجا کربين روپيا کائي ويا آهن حڪمران لاتعلق آهن اھي انتظار ۾ ويٺا آهن ته ھي ٻڏن ته جيئن ان ٻوڏ جي تباھي مان اھي پيسا گڏ ڪري کائين.