پيرولاشاري/بدين: شادي لارج لڳ تيزرفتار جيپ جي ٽڪر ۾ ڀاڳيو فوت، ٻه مينهون به مري ويون، خبر موجب شادي لارج لڳ کوسڪي ٿاڻي جي حد ٿر ڪول باءِ روڊ تي چيما فارم وٽ تيزرفتار جيپ جي ٽڪر ۾ پيرولاشاري ڀرسان ڳوٺ مير محمد پٺاڻ جو رھواسي ڀاڳيو ڪالو پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته تيزرفتار جيپ جي ٽڪر ۾ ٻه مينهون موقعي تي مري ويون، 3 مينهن جون ٽنگون ٽٽي پيون. کوسڪي پوليس جيپ مالڪ اشرف ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻڌايوپيو وڃي ته فوتي ٿر ۾ ڇڏيل مينهون واپس ڳوٺ ڪاهي اچي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close