ڀٽ شاھه: شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 279 ھين عرس مبارڪ جون رسمون اڄ 14 صفر کان ڀٽ شاھه ۾ شروع ٿي رھيون آھن. وقتي گورنر آغا سراج دراني اڄ 11 وڳي ڀٽ ڌڻي جي مزار تي پھچي، چادر چاڙھيندو. اوقاف کاتي جو صوبائي صلاحڪار سيد احمد رضا شاھه جيلاني، سيڪريٽري اوقاف جاويد صبغت اللھ مھر ۽ ٻيا به وقتي گورنر سان گڏ ھوندا. غير سرڪاري طور تي رسمن جي شروعات ٿي وئي. اوقاف کاتي طرفان درگاھه ڀٽائي کي سينگاري چراغان ڪيو ويو آھي ۽ ميلا گرائٔونڊ تي پانڌيئٔڙن جي تفريح لا شولائٔين به قائم ڪئي وئي آهي. پانڌيئٔڙن جي آمد به شروع ٿي وئي آھي، سيڪيورٽي لا 300 جي لڳ ڀڳ پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن.
هوڏانهن درگاھه تي لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائٔون خراب ھجڻ جو انڪشاف سامھون اچي ويو آھي. درگاھه تي لڳل 52 سي سي ٽي وي ڪئميرائٔن مان 17 ڪئميرائٔون بند پيل آھن، درگاھه تي 17 سي سي ٽي وي ڪئميرائٔون خراب ٿيڻ ڪري سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آھن، اوقاف کاتي طرفان سي سي ٽي ڪئميرائٔن کي فعال بنائٔڻ لا ڪي به قدم نه کنيا ويا آھن. ڪئميرائون اڪثر ھنڌن تي بند پيل آھن، جنھن ڪري عرس مبارڪ ۾ سيڪيورٽي مسئٔلا پيش اچڻ جو امڪان آھي. شھرين ۽ عقيدتمندن پاران فوري طور تي سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺڻ ۽ درگاھه جي سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف انتظاميه شھر مان صفائي ڪرائٔڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.
دنبورا چوڪ سميت اڪثر ھنڌن تي گٽر نالا اٿليل آھن، ٽنڊوآدم روڊ، شاھي بازار، لطيف ڪالوني، پير محلو سميت ٻين ھنڌن تي گندگي جا ڍير لڳل آھن. انتظاميه پاران ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آھن. جنھن ڪري شھرين کي پريشانيون پيش اچي سگھن ٿيون. شھرين مطالبو ڪيو آھي ته صفائي جو انتظام فوري بھتر بڻائي پانڌيئٔڙن کي پريشانين کان بچايو وڃي.