پاڪستانسنڌ

سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف 17 سيپٽمبر تي احتجاج جو اعلان

حيدرآباد: سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي دستوري گڏجاڻي حيدرآباد ۾ لال شاهه (عوامي جمهوري پارٽي) جي ڪنوينئرشپ ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، سراج سيال (اي جي پي)، امداد قاضي، ڏامرو مل (ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان) هاشم کوسو، خالد جوڻيجو (جيئي سنڌ محاذ) بخشل ٿلهو (عوامي ورڪرز پارٽي) محبوب سيال، پرويز بلوچ (پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀُٽو) شرڪت ڪئي. جاري پريس بيان ۾ اڳواڻن چيو سنڌ ۾ آيل هاڻوڪي تباهي نه ته اتفاقي آهي ۽ نه ئي وري ڪو قُدرتي امر آهي. سرمائيداراڻي سامراجيت، وسيلن جي بي حساب ڦُر ۽ زيان سبب ڌرتي کي تباهي رستي لاٿو ويو آهي. ڪاربن اخراج ۽ عالمي ماحولياتي گدلاڻ سبب ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي جي پد جي وڌڻ ۽ خطرناڪ برساتن جي اڳڪٿي پهرين کان ٿيل هُئي، جنهن کان اسان جي حڪمرانن ڪن لاٽار ڪئي، نتيجو اهو آهي سرائيڪي وسيب، بلوچستان ۽ سنڌ هزارين ماڻهو مري چُڪا آهن، مٿان بلوچستان جي پاڻي بابت سنڌ حڪومت جي ڪا رٿابندي نظر نه آئي، جنهن سبب ضلعو قمبر-شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو اڃا تائين ٻوڏ جي صورتحال ۾ آهن.

جاگيردارن پنهنجون زمينون ۽ ڪمپينن پنهنجون گيس فيلڊون بچائڻ کان عام کي ٻوڙيو آهي. سم نالن جي ناقص رٿابندي ۽ جاگيردارن پاران ان ۾ پنهنجي زمينن مان پاڻي ڪڍي وجهڻ سان ويتر تباهي ٿي آهي. صرف سنڌ ۾ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو دربدر ٿيا آهن، ٻهراڙي ۾ گهر مڪمل طور تباهه آهن، ماڻهو اڃان تائين ڦاٿل آهن، ريسڪيو جو ڪو سرڪاري انتظام ڪونهي، مال ۽ ماڻهن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، فصل پاڻي هيٺ آهن، اڳيان هڪ خطرناڪ کاڌي جو بحران آهي. اڳواڻن چيو سنڌ هڪ وڏي انساني الميي منجهان گذري رهي آهي، حڪومتِ وقت صرف بيانن ۾ ظاهر آهي. تنهن ڪري سياسي سماجي تنظيمن کي پنهنجي عوام جي واهر ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جمعي 16 هين سيپٽمبر تي حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ۽ ڇنڇر 17 هين سيپٽمبر تي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس کي پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپائي تقسيم ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button