خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو لُنڊ بازار ۾ 15 سالن جو نينگر ڪاشف پٽ حاڪم چنا نانگ ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نينگر گھر ۾ سُتل هو ته اوچتو ڪمري ۾ نانگ گهڙي آيو ۽ کيس ڪکي وڌو، جنهن بعد وارث نينگر کي ڏهرڪي اسپتال پهچايو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي پاسي نينگر جو لاش لُنڊ بازار آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close