اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي تنقيد توهين جي زمري ۾ نٿي اچي. عدالت فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست رد ڪرڻ جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري خلاف درخواست ۾ ٽي وي شو ۾ چيل لفظن تي توهين عدالت جي اپيل ڪئي وئي پر هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي رڳو تنقيد توهين جي زمري ۾ نٿي اچي. هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو ته فيصلي تي تنقيد ڀلي غلط فهمي تي ٻڌل هجي، انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ ناهي بڻجندي. فواد چوڌري خلاف درخواست ميرٽ تي پوري نٿي لهي، توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست رد ڪئي وڃي ٿي. واضح رهي ته جسٽس بابر اعظم، سليم الله جي درخواست تي لکت فيصلو جاري ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close