سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اورنج لائين بي آر ٽي بس سروس جو به افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڀاڙو 10 کان 20 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ کاتن جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي جي شهرين لاءِ اورنج لائين بس سروس جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اورنج لائين بس سروس عوام لاءِ کولي وئي آهي، ٻوڏ جي صورتحال سبب تقريب سادگي سان منعقد ڪئي وئي، هن بس سروس جون 4 اسٽيشنون آهن، جڏهن ته هاڻوڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گهٽ ڀاڙو رکيو ويو آهي. صوبائي وزير ٻڌايو ته اورنج لائين پروجيڪٽ جون بسون جديد ترين آهن ۽ ان رٿا جي 100 سيڪڙو لاڳت پ پ حڪومت کنئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي واسين کي جلد ٽرانسپورٽ جي هڪ ٻي تمام وڏي خوشخبري ڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close