روهڙي: روھڙي ۾ نوجوان صاحب اوڏ جي قاتلن جي گرفتاري لا اوڏ برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ٺيڙهي چوڪي جي پوليس اهلڪار ضمير جاگيراڻي اسان جي برادري جي بااثرن کان پئسا وٺي صاحب اوڏ کي تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، ايس ايس پي خيرپور پوليس اهلڪار مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بدران ان کي بچائي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس خاموش رهڻ لا پئسن جي آڇ ڪئي آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته پوليس تشدد ۾ قتل ڪيل صاحب اوڏ جي شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close