ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪڏهن آ ايم ايف پروگرام ۾ نه وڃون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، عالمي مالياتي ادارو نگران حڪومت سان ناهي ڳالهائيندو، تنهن ڪري اسان حڪومت ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. لاهور چيمبر آف ڪامرس ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هن وقت ملڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، هاڻ دنيا توهان کي قرض نٿي ڏئي ۽ ڏيڻ به نٿي چاهي، شهباز شريف کي اقتدار مليو ته پاڪستان وٽ 10 ارب ڊالر هئا، اپريل ۾ 3 ارب ڊالر ادائيگين ۾ وڌيڪ گهٽجي ويا، جڏهن حڪومت ۾ آياسين ان وقت اسان کي خبر نه هئي ته حڪومت ۾ رهنداسين يا نه، آءِ ايم ايف نگران حڪومت سان ناهي ڳالهائيندو، تنهن ڪري وڌيڪ اوڌر وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان خيالي دنيا ۾ نٿا رهي سگهون، حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اسان کي مسئلن جي خبر هئي، پاڪستان ۾ هن وقت ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 9 کان 9 ڏهائي 25 سيڪڙو آهي، جيڪڏهن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 15 سيڪڙو ڪري ڇڏيون ته هر هنڌ پئسا نه گهرڻا پوندا، اسان جو واپاري خسارو تمام گهڻو آهي، اهڙي خساري ۾ ملڪ نٿو هلي سگهي، رڳو ٽيڪسٽائل برآمد ٿيندي آهي، اسان کي وڌيڪ شعبن ۾ برآمد ڪرڻي پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close