پاڪستان

انتونيو گوتريس جي دوري سان عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آهي، هن دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪراچي ۾ گڏيل طور ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو تمام گهڻين مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. پرڏيهي وزير چيو ته وفاق طرفان متاثرن لاءِ في خاندان 25 هزار رپيا پيش ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، متاثرن جي ان روڪ امداد مان ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿي رهي آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل به ان ڏک درد ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي، جيڪا تاريخي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عالمي برادري سان گڏجي اهڙو منصوبو جوڙيندي ته جيئن آئنده ٻوڏ سبب انفرا اسٽرڪچر کي ايترو گهڻو نقصان نه پهچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button