لاڙڪاڻو/سکر: گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاڪستان ۾ ٻوڏ جي حوالي سان چيو آهي ته “ملڪ کي هن بحران مان نڪرڻ لاءِ ڳري مالي امداد جي ضرورت آهي، اها يڪجهتي يا فراخ دلي جو سوال ناهي پر انصاف جي گهرج آهي.” گذريل ڏينهن گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ سنڌ جي ٻوڏ متاثر ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي انتونيو گوتريس چيو ته ٻوڏ جي حوالي سان تفصيل ڄاڻڻ شديد تڪليف جو ڪارڻ آهي، جان ۽ مال سميت هر شيءِ ان ٻوڏ جي نذر ٿي وئي پر هي بريفنگ ٻڌڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو ته اڃا اميد ختم نه ٿي آهي. هن چيو ته عالمي دنيا جو هن صورتحال جي حوالي سان حقيقتن کي ڄاڻڻ ضروري آهي، گرين هائوس گئسن موسمياتي تبديلين جي رفتار کي وڌايو، ان صورتحال کي سامهون رکندي عالمي دنيا کي اسرندڙ ملڪن جي حوالي سان 3 شيون سمجهڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته پهرين شيءِ اها آهي ته پاڪستان کي هن بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڳري مالي امداد جي ضرورت آهي، هي قرباني جي نه پر انصاف جي تقاضا آهي.” انتونيو گوتريس چيو ته ٻي شيءِ اها آهي ته اسان کي فطرت سان ڇيڙڇاڙ بند ڪرڻي پوندي، سائنسي حلقن مطابق اسان کي 2023ع تائين انهن گئسن کي 45 سيڪڙو تائين گهٽائڻو پوندو، مان هن صدي جي پڄاڻي يا 2050ع جي ڳالهه نه پيو ڪريان پر اهو اسان کي هاڻي ۽ هن وقت ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اسان پهريان ئي هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون پيا جيڪا موسمياتي تبديلي سان شديد متاثر ٿي رهي آهي، ان ڪري ان کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي جي اپائن لاءِ وڏي پيماني تي امداد جي ضرورت پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close