عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجھو تعلقي مٽياري جي ديهھ مبارڪ واھه جي ڳوٺن عدل عاقلاڻي ۽ ريڇل عاقلاڻي جي برسات متاثر ڳوٺاڻن احسان عاقلاڻي ۽ اڪبر عاقلاڻي جي اڳواڻي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اسان جا ڳوٺ برساتن ۾ مڪمل طور ٻڏي ويا آھن، جنھن سبب 100 کان وڌيڪ ڪچا اجھا ڊھي پٽ پئجي ويا، ان ڪري اسان دربدر آهيون، پر ڪنهن به سار ناهي لڌي، ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بيماريون پيدا ٿي ويون آھن، پ پ کي ووٽ ڏيڻ باجود ضلعي ۾ چونڊيل نمائندن راشن، خيما ۽ ٻيو سامان ناهي ڏنو. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد شاهه کان مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي امداد ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close