مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۽ ڀرپاسي طوفاني برسات سبب اڳوڻي برسات سبب گھر ٻڏي وڃڻ ۽ ڊھي وڃڻ سبب روڊن تي ويٺل برسات متاثرن جي پلاسٽڪ جي پني سان ٺهيل جهڳيون اڏامي ويون، سڄو ڏينهن سخت گرمي کانپوءِ سج لهندي تيز مٽي جي طوفان سان گڏ وڏ ڦڙي سان پيل برسات ويتر برسات متاثرن کي وڌيڪ تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو، تيز طوفاني هوائن گجگوڙ ۽ کنوڻ جي تيز ترين تجلين واري برسات سبب مسجدن ۾ خير جون دعائون گهرائي ڇڏيون. برسات سبب مسڻ وڏي سلطان آباد روڊ، مسڻ وڏي قاضي نور محمد لغاري روڊ، عمر ٿيٻو ملوڪ ٿيٻو روڊ، ناگناهه شاخ جي ڪپرن، ميرواھه ٽنڊوالهيار روڊ، جراڙ ٿيٻو حنيف لغاري روڊ، مڇاھو عزيز ٿيٻو روڊ، ٽيل موري سچ ڏنو پنهور روڊ ۽ ميرو فقير ٿيٻو شيدي هوٽل روڊ سميت مختلف روڊن تي ويٺل برسات متاثر برسات سبب پريشان ٿي ويا، حڪومتي امداد نه ملڻ کانپوءِ پنهنجي خرچ تي پلاسٽڪ جي پني مان خيما کوڙي روڊ تي ويٺل ماڻهن کي تيز طوفاني برسات روئاڙي ڇڏيو. تيز طوفاني هوائن ۽ برسات سبب مختلف علائقن ۾ بجلي جا ٿنڀا ڪري ويا، جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي. ٻئي طرف روڊ تي ويٺل برسات متاثرن نظير احمد، پنهل ڀيل، عارب ڀيل، تاريو ڪولهي، مٺو ڪپري سکو ٽڪر، سانوڻ ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل برسات کانپوءِ اڃان تائين نه حڪومت طرفان نه اين جي اوز طرفان ۽ نه وري ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڪامورن طرفان اسان جي مدد ڪئي وئي آهي، اسان پنهنجي خرچ تي پلاسٽڪ وٺي خيما ٺاهي روڊن تي ويٺاسين، طوفاني برسات اسان جي خيمن کي اڏاري ڇڏيو. هنن ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي، ايم پي اي امداد پتافي ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته اسان کي سر لڪائڻ لاءِ خيما، راشن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي دوائون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close