پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ ون فائيو انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشھروفيروز: نوشهروفيرو جي ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي رهواسي رڪشا ڊائيور ظفر علي سولنگي، امان الله سولنگي، غلام الله، ڪامران خانزادو، دلبر چنا، سني ميمڻ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته شهر ۾ ون فاءِ انچارج اي ايس آئي غلام حيدر پنهور بناجواز رڪشا ڊائيور ظفر علي سولنگي مٿان وحشاڻو تشدد ڪيو، انچارج چوي ٿو ته رشوت نه ڏني وئي ته نوجوان کي ڪنهن وقت ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويندو. اي ايس آءِ غلام حيدر پنهور نوجوان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هنن ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان گهر ڪئي ته ون فاءِ جي انچارج اي ايس آئي غلام حيدر پنهور خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button