پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ وسڪارو، کنوڻ ڪرڻ سبب نوجوان فوت

حيدرآباد: سنڌ ۾ ٻئي ڏينهن به برسات وسي، وڄ ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي تيز هوائن سان وسڪارو پيو. سامارو ۾ پڻ گجگوڙ ۽ کنوڻ جي تجلن سان مينهن وسيو. ننگرپارڪر ۾ به مينهن وسيو. ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ تيز برسات پئي، جنهن سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. مسڻ وڏي ۽ آسپاس ۾ پڻ برسات پئي. سنڌڙي ۾ برسات دوران ڳوٺ ڏاتو خان شر ۾ بجلي ڪرڻ سبب 20 سالن جو نوجوان ديدار شر ولد الھرکيو شر فوت ٿي ويو، جڏھن ته گڏ ويٺل شاهنواز، علي ڏنو ۽ عبدالسلام بيھوش ٿي ويا. مٺي ۾ پڻ مينهن وسيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button