اسلام آباد : نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيٽر سينٽر (اين آيف آر سي سي) چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ ٿيو. بيان ۾ چيو ويو ته ٻوڏ سان بنيادي ڍانچو ۽ نجي ملڪيتن جو نقصان ٿيو آهي. ملڪ ۾ ڪل 5879 ڪلوميٽر رستن، 246 پلن ۽ 176 دڪانن کي نقصان ٿيو آهي. قمبرشهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، نوشهروفيروز، ٺٽو بدين ۽ جيڪب آباد جا ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، نصرآباد، جعفرآباد، جل مگسي به شديد متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته بولان، صحبت پور، لسٻيلو به سخت متاثر ٿيا. خيبرپختونخوا ۾ دير، سوات، چارسده، ڪوهستان، ٽانڪ، ڊي آئي خان شديد متاثر علائقا آهن. پنجاب ۾ ڊي جي خان ۽ راجنپور سيلاب سان شديد متاثر آهن. اين ايف آر سي سي ٻڌايو ته پاڪ فوج جون ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، آرمي ايويئيشن هيليڪاپٽرز ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ 485 اڏامون ڪري چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 22 اڏامون ڪيون ويون، 70 ماڻهن کي بچايو ويو. جڏهن ته هيليڪاپتر سان 29 ڏهائي 9 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو. اين ايف آر سي سي مطابق هن وقت تائين هيليڪاپٽرز جي ذريعي 4424 ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. رليف ڪئمپن ۽ امدادي شيون گڏ ڪرڻ جا پوائنٽس مڪمل فعال آهن. ملڪ ۾ 147 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، 284 ڪليڪشن پوائنٽس سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ قائم آهن. ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي شيون گڏ ۽ اڳتي تقسيم ڪيون پيون وڃن. هن وقت تائين 6 هزار 855 ٽن خوراڪ متاثرن ۾ ورهائي وئي آهي. 1203 ضروري شيون ۽ 45 لک 97 هزار 569 دوائون متاثرن کي ڏنيون ويون آهن. متاثر علائقن ۾ هن وقت تائين 250 طبي ڪئپون قائم ڪيون ويون آهن. طبي ڪئمپن ۾ هڪ لک 2721 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو. ان کان سواءِ پاڪ فضائيه ۽ بحريه پاران به رليف سرگرميون جاري آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close