اسلام آبادپاڪستانعالمي

ڦاٿل 5 هزار پاڪستاني پانڌيئڙن کي عراق ۾ داخلا جي اجازت

اسلام آباد:گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جي درخواست تي ايراني هم منصب ايران عراق سرحد تي ڦاٿل 5 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني پانڌيئڙن کي فوري عراق ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي. اربعين لاءِ خصوصي ويزا پرمٽ سميت ٻين مسئلن جي پائيدار حل لاءِ پاڪ عراق گڏيل ڪميٽي جي قيام تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ڪالهه گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله پنهنجي ايراني هم منصب عثمان علي فرد هود سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. 40 منٽن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پاڪستاني زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ دير، ويزا تعداد ۾ واڌ ۽ پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ داخلا ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ايران عراق سرحد تي ڦاٿل 5 هزار پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ، حصرت امام حسين رضي الله عنه جي چاليهي لاءِ عراق ويندڙ خواهشمند پانڌيئڙن کي خاص ويزا جاري ڪرڻ ۽ عراق ۾ ايران رستي داخل ٿيل پاڪستاني زائرين لاءِ ايران، عراق سرحد مستقل طور کولڻ جي درخواست ڪئي. عراقي گهرو وزير عثمان علي فرهود طرفان گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي سمورن تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ مطالبن جي فوري منظوري ۽ انهن تي بنا دير عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button