اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان عدالتي حڪم باوجود دهشتگردي ڪيس ۾ ٽيون ڀيرو طلبي باوجود جي آءِ ٽي سامهون پيش نه ٿيو. جي آءِ ٽي سربراهه عمران خان جي طلبي جو ٽيون نوٽيس جاري ڪيو هو ۽ کيس ڪالهه شام 6 وڳي مارگلا ٿاڻي ۾ گهرايو هو. اڳوڻي وزيراعظم کي جاري نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿي الزامن جو جواب ڏئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان 12 سيپٽمبر تائين عبوري ضمانت حاصل ڪيل آهي. نوٽيس موجب عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ جي مجاز عدالتي حڪم باوجود توهان جاچ ۾ شامل نه ٿيا، نه ئي توهان پنهنجو موقف پيش ڪيو. نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو ته توهان کي 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي به جي آءِ ٽي ڪيس جي جاچ لاءِ طلب ڪيو هو. جي آءِ ٽي توهان جي اچڻ جو انتظار ڪندي رهي، توهان جاچ ۾ شامل نه ٿيا. جي آءِ ٽي جي ٽئين نوٽيس باوجود عمران خان پيش ناهي ٿيو. واضح رهي ته جي آءِ ٽي عمران خان کي ان کان اڳ 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي به طلب ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close