اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ماڻهو ٻڏا پيا آهن،اليڪشن روئڻ پٽڻ سان نه ٿيندي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عمران خان جي ڪال واري بيان کي گدڙ جي اونائي قرار ڏئي ڇڏيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب ٻوڏ جي ڪري ماڻهو پهريان کان ئي رستن تي آهن، اوهان انڌا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهيو. اليڪشن زبردستي روئڻ منهن مٿو پٽڻ سان نه ٿيندي. 2023 ۾ ٿيندي. هن چيو ته عمران خان لڳي ٿو ته ڪن توهان جا بند آهن، ڪن کولي ڳالهه ٻڌو اليڪشن 2023 ۾ ٿيندي. هن چيو ته ٻوڏ ۾ ٻڏل ملڪ جي حالت ڏسو، جڏهن ته عمران خان پنهنجي زهريلي انا ۾ ٻڏل آهي. عمران صاحب لاڏلو بڻجي زور زبردستي جي اوهان کي عادت پئجي وئي آهي. پنهنجي عادل تبديل ڪريو وقت تبديل ٿي چڪو آهي. قانون هٿ ۾ کنيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو پوءِ اوهان جون رڙيون هونديون. روئنيدا منهن مٿو پٽيندا. هن چيو ته مسئلو صرف اهو آهي ته عمران خان جو اصل روپ عوام ڏسي چڪو آهي. مسئلو صرف اهو آهي ته عمران خان ۽ سندس گهرڀاتين جي ڦرلٽ ۽ ڌاڙي جي سموري حقيقت قانون جي سامهون اچي چڪي آهي. هن چيو ته اصل مسئلو اهو آهي ته عوام کي عمران خان جي فارن ايجنٽ هجڻ جو پتو پئجي ويو آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته عوام کي خيرات جا پئسا ذاتي خرچ لاءِ استعمال ڪندڙ عمران خان جو پتو پئجي ويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب عوام ٻوڏ متاثرن جي مدد جي ڪال تي هڪ ٿي چڪي آهي، اوهان جي فساد ۽ انتشار واري ڪال واري بيان تي نه ايندي. ۽ ڪڏهن به ڪال ڏيندس ۽ پوءِ ڀڄي ويندس. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ نه ويندس اقتدار لاءِ شر فساد پکيڙيندس. وفاقي وزير چيو ته حقيقي آزادي جي تحريڪ هلائيندڙ آمريڪا ۾ سي آئي اي جي اڳوڻي چيف جي ذريعي پنهنجي حق ۾ تحريڪ هلرائي رهيو آهي. هن چيو ته شهيدن جي خلاف گهٽيا مهم هلائيندڙن کي عوام رد ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button