سريلنڪن ٽيم کي زبردست محنت جو صلو ملي ويو، جنهن اٺن سالن جي انتظار کانپو ڇهون ڀيرو ايشيا ڪپ ٽائٽل تي قبضو ڄمائي پاڪستان جو ٽرافي کٽڻ جو خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي، 58 رنسن تي 5 رانديگر آئوٽ ٿيڻ باوجود سريلنڪن بئٽنگ لائين زبردست ڪم بيڪ ڪندي 20 اوورن ۾ 170 رنسون ٺاهي ڏيکاريون ۽ جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پورا زور لڳائي 147 رنسن تي ڍير ٿي وئي، آخري اوور ۾ سمورا بئٽر پويلين ڀيڙا ٿيڻ ڪري 23 رنسن تان شڪست ملي ۽ ٽرافي هٿن مان نڪري وئي. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ايشيا ڪپ 2022ع جو فائنل کيڏيو ويو، جنهن ۾ سريلنڪا جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي ذريعي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي، اها ايونٽ ۾ سندن لڳاتار پنجين سوڀ آهي، جنهن نه فقط ٽرافي جو حقدار بڻايو پر ڇهون ڀيرو ايشيا ۾ ڪرڪيٽ تي بادشاهي به ڏياري آهي. پهرين بئٽنگ جي دعوت ملڻ تي سريلنڪا مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ آل رائونڊر ڀانوڪا راجاپاڪسي سڀ کان وڌيڪ 71 رنسن جي شاندار اننگز سان پاڪستاني بالرن کي ڪٽي ناڙ ڪيو، ونندو هسارنگا 36 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 28 رنسن سان نمايان رهيا. پاڪستان طرفان حارث رئوف سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. 171 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 147 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، اوپنر محمد رضوان 55 ۽ افتخار احمد 32 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا پر سست بئٽنگ سبب ٽيم جي شڪست ٽاري نه سگهيا، ڪپتان بابر اعظم 5 رنسن تائين محدود رهيو، فخر زمان به کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي اميدون اجهائي ڇڏيون، شاداب خان 8، محمد نواز 6، خوشدل شاهه 2، نسيم شاهه 4 ۽ محمد حسنين 8 رنسون ٺاهي سگهيا، فخر زمان جيان آصف علي به کاتو کولڻ ۾ ناڪام رهيو. چئمپين ٽيم سريلنڪا طرفان پرامود مدوشن 4، ونندو هسارنگا 3، چميڪا ڪرونارتني 2 ۽ مهيش ٺيڪشانا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close