پاڪستانسنڌ

جهڏي کي ٻوڙيندڙ پراڻ جو گهارو بند، اڃا تائين 6 فوٽ پاڻي بيٺل

جهڏو: جهڏو ۾ پراڻ ڍورو جو گهارو وڏي تباهي ڪرڻ بعد 15 ڏينهن کانپوءِ ٻڌجي ويو، ٽن ڏينهن کان جاري برسات سبب پراڻ ڍورو ۾ پاڻي جي سطح ۾ چاڙهه اچي وئي. جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگهھ پراڻ ڍورو کي 316 بند وٽان لڳل گهارو 15 ڏينهن جي محنت بعد شهرين ۽ ڳوٺاڻن گڏجي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻڌي ڇڏيو. واضح رهي ته گهارو ٻڌڻ لاءِ ايل بي او ڊي انتظاميا شهرين جي نالي ماتر مدد ڪئي ۽ فقط سامان مهيا ڪيو، گهارو شهرين مڙسي ڪري بند ڪيو. گهاري سبب شهر جون اوڀر واريون ڪالونيون عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، کوسا پاڙي ۽ ڪڇي ڪالوني سميت 20 کان وڌيڪ ڪالونيون ۽ يوسين روشن آباد ۽ بانکر جا سوين ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿي ويا، ڄاڻايل علائقن ۾ اڃان تائين 4 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جنھن سبب رهواسي دربدر آهن، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ اڃان تائين ڪي به قدم نه کنيا آهن. ٻئي طرف جهڏو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان ٽئين ڏينهن به جاري رهيو. وسندڙ برسات سبب روڊن رستن واھن شاخن جي ڪپرن تي ويٺل هزارين ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا آهن، بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن جي انتظاميا ڪا مدد نه ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button