اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چور نواز شريف ۽ دهشتگرد الطاف حسين سان منهنجي ڀيٽ نه ڪئي وڃي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي کان اڳ عدالت ٻاهران صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مان گهڻو خطرناڪ آهيان. صحافي سوال ته الطاف حسين وري نواز شريف ۽ هاڻ توهان کي مائنس ڪيو پيو وڃي، جنهن تي عمران خان جواب ڏيندي چيو ته هڪ چور نواز شريف ۽ دهشتگرد الطاف حسين سان منهنجي ڀيٽ نه ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين مون تي لڳندڙ دهشتگردي جا قلم سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي توهين آهن. عمران خان سوال اُٿاريندي چيو ته جيڪڏهن جيل اندر هڪ پروفيسر تي تشدد ۽ جنسي تشدد ڪيو وڃي ۽ عدالت وري کيس رمانڊ تي واپس موڪلي ڇڏي، اهڙي قدم خلاف جيڪڏهن ڪير چوي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين، ۽ اها دهشتگردي آهي ته توهان ڪنهن کي به دهشتگرد بڻائي ڇڏيندئو؟ عمران خان چيو ته سڄي دنيا ڏٺو ۽ پڇو ته ڪهڙي بنياد تي دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن، مون مٿان دهشتگردي جو ڪيس سڄي دنيا ۾ اسان جي ملڪ جي توهين آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسد عمر، فواد چوڌري ۽ شبلي فراز سوڌو ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ هاڻوڪي سياسي صورتحال سوڌو ٻين اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ جي مهانگائي خلاف احتجاج جي تيارين لاءِ تجويزن تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻوڏ سٽلين جي امداد لاءِ ٽيليٿون جي بليڪ آئوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت جا حربا ڪنهن صورت ڪامياب نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته سڀ کي ڄاڻ آهي ته قوم ڪنهن سان گڏ بيٺي آهي، نه پهرين دٻاءُ ۾ آيو هئس ۽ نه اڳتي ايندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close