پاڪستانسنڌ

پڊعيدن ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان ناري قتل

پڊعيدن: پڊعيدن ويجهو ڳوٺ مراد صادري راڄپر ۾ پراڻي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڦٽي جي چونڊ لا ويندڙ 22 ورهين جي نازيا زال سليم راڄپر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا. فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻن پهچي لاش اسپتال پهچايو. جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان مقتولا جي وارث عظيما راڄپر ٻڌايو ته چار موٽرسائيڪلن تي سوار اصغر علي، گلزار علي، واحد بخش راڄپر، ظهير علي ۽ ٻين گوليون هڻي نازيا کي قتل ڪيو آهي. ٻي طرف پوليس جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي پر آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button