پاڪستان

عورت جج کي ڌمڪائڻ وارو ڪيس، عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد: ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪين بابت ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ بابت ڪيس جي شنوائي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدالت جي جج راجا جواد عباس ڪئي جڏهن ته تحريڪ انصاف چيئرمين پاڻ به عدالت آڏو ٿيو. شنوائي دوران پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته پٽيشنر اڃان تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو. جڏهن ته عمران خان جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر وٽ عمران خان جو بيان موجود آهي. پراسيڪيوٽر ٻڌائي ته ان کي ٽائيم وٺڻو آهي يا بحث ڪرڻو آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته جي آءِ ٽي عمران خان ڏانهن 3 نوٽيس اماڻيا ته عمران خان جاچ جي لاءِ پيش ٿئي. بابر اعواڻ چيو ته پراسيڪيوٽر جنهن سيڪشن جو حوالو ڏئي رهيو آهي ان ۾ جوابدار جو نه گواهن جو ذڪر آهي اهو ڪٿي لکيل آهي ته پوليس جي سامهون پيش ٿي ئي جاچ ۾ شامل ٿيڻو آهي. شنوائي دوران جج رمارڪس ڏنا ته عمران خان جي پاڻ موجودگي ڪيئن ضروري آهي. سيڪشن 160 پڙهو جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر سيڪشن 160 پڙهي ٻڌايو. بابر اعواڻ چيو ته مان به اهو سيڪشن پڙهڻ چاهيان ٿو ان ۾ لکيل آهي ته جاچ ڪندڙ آفيسر شاهدن کي گهرائي سگهي ٿو. عمران خان هن ڪيس جو شاهد نه آهي. قانون اسيمبلي ٺاهيندي آهي ان ۾ ڪو ٻيو اضافو نٿو ڪري سگهي. مون بيان لکي ڏنو جنهن کي رڪارڊ تي ئي ناهي آندو ويو. عمران خان جي وڪيل جي بيان تي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته اهو ڪٿي لکيل آهي ته جاچ ۾ جوابدار جي بدران وڪيل پيش ٿئي؟ اهو جاچ آفيسر تي ٻڌل آهي ته هو جاچ جو ڪهڙو طريقو استعمال ڪري. عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر کي ٽوڪيندي چيو ته اوهان چوڻ چاهيو ٿا ته هن ۾ عدالت به مداخلت نٿي ڪري سگهي؟ جنهن تي اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي سيڪيورٽي جا خدشا آهن ته سيڪيورٽي جي ذميواري رياست مٿان آهي. شنوائي دوران بابر اعواڻ چيو ته پوليس وارا عمران خان کي سيڪيورٽي ڏيندڙ نه پر سندس گهيراءُ ڪندڙ هوندا آهن. عمران خان پنهنجي سيڪيورٽي تي ڀروسو ڪندو آهي جنهن تي جج چيو ته سيڪيورٽي تي ڀروسي جو آپشن ٻيون نمبر آهي پهرين نمبر تي الله تي ڀروسو هئڻ گهرجي. جج بابر اعواڻ کان پڇيو ته ڇا عمران خان جاچ ۾ شامل ٿيو؟ جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي، جاچ آفيسر پاڻ ئي ٻڌايو هو ته وڪيل ذريعي عمران خان جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي. عمران خان جي وڪيل وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست تي نوٽيس ٿي چڪو آهي. پوليس هاءِ ڪورٽ کي غلط ٻڌايو ته عمران خان جاچ ۾ شامل نه ٿيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان ڏانهن 3 نوٽيس اماڻيا پر عمران خان اڃان تائين جاچ ۾ شامل نه ٿيو آهي، وڪيل ذريعي هڪ بيان آيو هو جنهن تي هن چيو هو ته مان پاڻ پيش ٿيان. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس چيو ته توهان تائين بيان پهتو جنهن کي اوهان رڪارڊ جو حصو ئي ناهي بڻايو ان سان ته اوهان جي بدنيتي ثابت ٿئي ٿي. عدالت پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته معاملي تي جي آءِ ٽي جي جوڙجڪ لاءِ عدالت جي رهنمائي ڪريو. ايف آءِ آر داخل ڪندي ڪيترا ڏينهن ٿيا ۽ جي آءِ ٽي دير سان ڇو ٺهي؟ هي جنهن ڏوهه جو ذڪر اوهان ڪري رهيا آهيو اهوئي تقرير جو معاملو آهي، اوهان کي ان لاءِ ذاتي حيثيت ۾ جوابدار ڇو گهرجي؟ مددگار پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر کي جوابدار کان سوال جواب ڪرڻا آهن، جوابدار اچي، جاچ ۾ شامل ٿئي، جيڪڏهن جاچ آفيسر گهرايو آهي ته جوابدار جو پيش ٿيڻ ضروري آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عمران جي عبوري ضمانت ۾20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button