نيشنل فلڊ ريسپانس سينٽر (اين ايف آر سي) ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي جلد ٻيهر آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق اين ايف آر سي اختيارين جو چوڻ آهي ته اجهن ۽ ڇت کان محروم ٻوڏ متاثرن کي تيار ٿيل گهرن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح هوندي، ان سلسلي ۾ مختلف نمونن جي گهرن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ وارن علائقن ۾ تفصيلي سروي جلد شروع ڪرائي ويندي. اختيارين موجب متاثر ٿيل ماڻهن کي جلد کان جلد سندن گهرن ۾ منتقل ڪرڻ اين ايف آر سي جي پهرين ترجيح آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close