ڪراچي: پاڪستان ۾ ٻارڙن تي جنسي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن. هلندڙ سال جي گذريل 6 مهينن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪيو ويو. ٻارڙن تي جنسي تشدد کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غيرسرڪاري تنظيم جي رپورٽ مطابق جنوري کان جون 2022 دوران 2211 ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪيو ويو. 1207 ٻارڙيون جڏهن ته 1004 ٻارڙا جنسي تشدد جو شڪار ٿيا. ٻارڙن تي روزانو جنسي تشدد جا 12 واقعا پيش آيا. 21 ٻارڙن ۽ ٻارڙين تي مدرسن ۾ جنسي تشدد ڪيو ويو، اسپتال، هوٽل، ڪار، ڪلينڪ، ڪاليج، فيڪٽري، جيل پوليس اسٽيشن، شادي هال، قبرستان ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي ٻارڙن جنسي تشدد ڪيو ويو.
هلندڙ سال جي پهرئين ڇهن مهينن اندر ٻارڙن تي جنسي تشدد جا سڀ کان وڌيڪ واقعا پنجاب صوبي ۾ 1564، سنڌ ۾ 338، بلوچستان ۾ 23، اسلام آباد ۾ 199، خيبرپختونخواه ۾ 77، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 10 رپورٽ ٿيا. متاثرن ۾ 55 سيڪڙو ٻارڙيون جڏهن ته 45 سيڪڙو ٻارڙا آهن. 39 واقعن ۾ ويجها مائٽ، 409 واقعن ۾ اڻ سڃاتل ماڻهو ملوث هئا. جڏهن ته 63 واقعن ۾ ويجهن مائٽن ٻارڙن تي جنسي تشدد ڪيو. جنسي تشدد جي واقعن ۾ 11 کان 15 سالن جي عمر جا 715 ٻار، جڏهن ته 401 واقعن ۾ 6 کان 10 سالن جي عمر جا ٻار نشانو بڻيا، ٻارڙن تي جنسي تشدد جا 1961 واقعا پوليس وٽ رپورٽ ٿيا آهن.