ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چيلينج ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي، هاڻوڪي طوفاني برسات ۽ ٻوڏ جي شدت 2010 واري ميگا فلڊ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، هي وقت حڪمرانن جي روئڻ ڌوئڻ جو نه پر بهتر حڪمراني ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻڻ جو آهي. هن وقت به سنڌ جي شهرن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي بيٺل آهي، گندي پاڻي توڙي مڇرن جي آزار سبب مليريا، ڊينگي بخار ۽ گيسٽرو جي بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي.
ظلم ته وري اهو آهي جو پيناڊول سميت بخار جي دوا مارڪيٽ مان اڻلڀ ٿي وئي آهي. حڪومت کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. وري برسات ۽ حڪومتي مايوس ڪن ڪارڪردگي ڏتڙيل عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. غريب ماڻهو بي يار و مددگار کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، خبر ناهي ته ٻاهران ايندڙ امداد ڪاڏي ٿي وڃي؟. اهڙن خيالن جو اظهار هن سجاول ۽ ٺٽي جي برسات متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ دوران ڪيو. سنڌ جي امير سجاول سورجاڻي بند جو دورو ڪري ٻوڏ واري پاڻي جي صورتحال جو جائزو ۽ جهرڪ ۾ 100 خيمن تي ٻڌل الخدمت خيمو وسندي جو افتتاح توڙي ڪچو راشن پڻ ورهايو. ان موقعي تي الطاف ملاح، ايڊووڪيٽ مجيد سمون، غلام شفيع ۽ الخدمت جو صدر عبدالمجيد سمون پڻ موجود هئا.