سن: سن ڀرسان مانجهند ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گٽرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ها اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ شھرين شاهي بازار مان ريلي ڪڍي انڊس ها وي تي ڌرڻو هنيو. جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ڊي ڊي او ڄامشورو ۽ ها اسڪول هيڊ ماستر محمد صالح ميمڻ، عبداللطيف ميمڻ، سيف الله ميمڻ ۽ ٻين ميڊيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، جڏھن ته باقي 6 ڪلاڪن ۾ ھٿرادو فالٽ ڄاڻائي بجلي الڳ بند ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون گرمي ۾ بي حال ٿي وڃن ٿا، جنهن سان تعليم سخت متاثر ٿئي ٿي، جڏهن ته بجلي نه هجڻ ڪري واٽرسپلا جو پاڻي به شھر کي مھيا نه ٿي سگهيو آهي، جڏھن ته ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شھر مان وڏي عرصي کان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪرائي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close