ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثر اسان جي ريڊ لائين آهن، گذريل ڏينهن پي ٽي آئي ڪريل سازش ڪئي آهي، هڪ جعلي تصوير 600 اڪائونٽس تان وائرل ڪئي وئي ۽ اقوام متحده سميت عالمي امدادي ادارن کي ٽيگ ڪئي وئي ۽ انھن تي زور ڀريو ويو ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي. آئون بحيثيت هڪ پاڪستاني ۽ ذاتي حيثيت ۾ وفاقي حڪومت، وفاقي گهرو وزير رانا ثنا الله ۽ سمورن ادارن کي اپيل ڪيان ٿو ته پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرن خلاف ڪريل حرڪت ۾ جيڪو به ملوث آهي، ان خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته هو ذاتي حيثيت ۾ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ان معاملي تي درخواست داخل ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ آرڪائيوز ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اين سي او سي پڻ ان معاملي تي ترديد جاري ڪئي آهي ته اهڙي قسم جي کين ڪا به امداد ناھي ملي، جڏهن ته هڪ ٽي وي چينل خبر هلائي آهي ته اها تصوير ڀارت جي آهي. هن چيو ته هو پي ٽي آئي جي پوري تنظيم کان سوال ڪري ٿو ته اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي. عمران خان جو ٻوڏ متاثرن سان ڪهڙو جهيڙو آهي، اها ٻوڏ متاثر ۽ معصوم ماڻهن خلاف سازش آهي ۽ ان ڪريل حرڪت کي هرگز برداشت نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته پوري دنيا کي پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ڪئي وڃي. هن چيو ته اهو شيطان صفت انسان ادارن جو دشمن آهي، عدل جو دشمن آهي، سياستدانن جو دشمن آهي، اڄ ٻوڏ متاثرن جو پڻ دشمن ثابت ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها تصوير معروف ۽ اهڙن ماڻهن به پوسٽ ڪئي آهي، جيڪي ٽي وي چينل تي ويهي ڪري پي ٽي آئي جي کليل حمايت ڪندا آهن. اها ڪنهن به صورت ۾ اظهار راءِ جي آزادي نٿي ٿي سگهي. ان حرڪت سان لکين معصوم ٻوڏ متاثرن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهڙين حرڪتن جا سڌا تانا بني گالا سان ملن ٿا، جيڪڏهن ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلايا وڃن ٿا ته انهن جا سڌا تانا بني گالا سان ملن ٿا. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم بڻجڻ لاءِ اهي حرڪتون ڪري رهيو آهي. عمران خان هر شئي پنهنجي مرضي موجب چاهي ٿو. آمريڪي سازش جي رٽ لڳائڻ وارو بني گالا ۾ لڪي آمريڪي ايمبيسي جي اختيارين ۽ سفارتڪارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، ڪڻڪ جي في مڻ قميت 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا گذريل سال 2000 رپيا في مڻ هئي. هن چيو ته آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هو ايندڙ فصل اپت ڪرڻ جي لائق نه رهيا آهن. ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس وڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته آبادگارن کي ڪڻڪ پوکڻ تي انڪريج ڪيو وڃي ته جيئن اڳيان هلي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي. صوبائي وزير چيو ته ڪڻڪ ڪيش ڪراپ ناهي ۽ آبادگار ان جي عيوض ڪيش ڪراپ تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا. هن چيو ته ٻاهرين ملڪن مان گهرايل ڪڻڪ اسان کي 8000 رپين کان 8500 رپيا في مڻ ۾ ملي ٿي اها به ايتري معياري ڪڻڪ نه هوندي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن آبادگارن جي معياري ڪڻڪ 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڇو نه خريد ڪجي. ان قدم سان آبادگارن کي به فائدو پهچندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت هر سال 15 آڪٽوبر کان سرڪاري ڪڻڪ گودامن مان جاري ڪندي آهي پر موجوده صورتحال ۾ جڏهن اٽي جي طلب وڌي رهي آهي، سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ پهرين آڪٽوبر کان جاري ڪئي ويندي ۽ ان ڏس ۾ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ صوبائي وزيرن تي مشتمل ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته ڪاميٽي سفارشون تيار ڪندي ته حقيقي پيسيل طبقي تائين ڪڻڪ تي ملندڙ سبسڊي ڪيئن پهچائي وڃي ڇاڪاڻ ته موجوده طريقيڪار سان مزدور ۽ صاحب حيثيت ماڻهو هڪ ئي اگهه تي اٽو خريد ڪندا آهن.
صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري خوراڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن ڪارڻ سرڪاري گودامن ۾ 4 کان 5 سيڪڙو ڪڻڪ متاثر ٿي پر ان جو درست اندازو پاڻي جي مڪمل نيڪال کان بعد ئي لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ متاثر ڪجهه علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي، جڏهن ته جهڏو ۾ پاڻي جي ڪري صورتحال تمام خراب آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت وڌيڪ سخت فيصلا ڪري سگهي ٿي. وزيراعليٰ سنڌ ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ۾ آبپاشي کاتي ۽ پاڪ فوج جي ٽيڪنيڪل ٽيم کي فيلڊ جو معائنو ڪرڻ جو چيو آهي. هن چيو ته آبپاشي کاتي جا ماهر ان آپريشن جي اڳواڻي ڪندا، جڏهن ته پاڪ فوج ان کي ٽيڪينڪل سپورٽ مهيا ڪندي. شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا متاثرن کي فوري طبي امداد ڏيڻ لاءِ صحت کاتي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو رهندو، ڪنهن به شهر، علائقي يا ڳوٺ مان ڪو به متاثر شخص يو اي اين نمبر تي طبي امداد لاءِ رابطو ڪري سگهي ٿو. جنهن تي فوري طور تي طبي ٽيمن کي ان علائقي ۾ روانو ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن بعد چمڙي جون بيماريون وڌي رهيون آهن. سنڌ حڪومت نجي اسپتالن کان به ڊرموٽالوجسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. ان کان علاوه پاڪ فوج، نيوي جا ميڊيڪل يونٽس پڻ ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. هن چيو ته پاڪ فوج هن وقت اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ متاثرن کي رليف ۽ ريسڪيو پهچائڻ ۾ ايڪسٽرا آرڊنري ڪم ڪري رهي آهي. آرمي چيف پاڻ متاثرن جي بحالي ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن گذريل ڏينهن دادو جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي.
صوبائي وزير اطلاعات چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ ڪابيناجي گڏجاڻي ۾ فيصلو ٿيو ته راشن جي ورهاست يونين ڪائونسل سطح تي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. سنڌ حڪومت سميت وفاقي حڪومت ۽ ان جا ذيلي ادارا ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 163000 ڪيوسڪ، جڏهن ته اخراج 156100 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 177700 ۽ اخراج 176100 آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون درجي جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جي آمد 626200 ڪيوسڪ ۽ اخراج 600000 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته جيستائين ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي گهٽ نٿو ٿئي، پاڻي جي نيڪال جي صورتحال بهتر نه ٿيندي. اسٽريٽ ڪرائم بابت پچيل سوال تي هن چيو ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز جون اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري آهن. روزاني جي بنياد تي گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته گهڻا ئي ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. آئي جي سنڌ پوليس کي چيو ته روزاني جي بنياد تي ميڊيا کي ڪارروائي جو ڊيٽا فراهم ڪيو وڃي.