پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري، ٻوڏ متاثر آزارجي ويا، 4 ماڻهو فوت

حيدرآباد: سنڌ ۾ مٽي جي طوفان بعد تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن وسيو، وڄ ڪرڻ سميت ٻين واقعن ۾ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پئي. ڪجهه هفتن جي وقفي کانپوءِ ڪراچي ۾ برسات پوڻ دوران شديد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. سومر جي منجهند آسمان تي گهاٽا ڪڪر ظاهر ٿيا، ڏسندي ڏسندي سڄي شهر ۾ ڇانئجي ويا ۽ مٽي جي طوفان کانپوءِ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات وسندي رهي. صدر، ريگل چوڪ، گلشن اقبال، ڊفينس، گرومندر، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، سرجاني ٽائون، گلبهار، منگهو پير، اورنگي ٽائون تيسر ٽائون، گذري، ڪارساز، لانڍي، قائدآباد، اسڪيم 33، صفوران ڳوٺ، عائشه منزل، سهراب ڳوٺ، ايئرپورٽ، ملير لانڍي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز مينهن وسيو. مختلف علائقن مان بجلي بند ٿي وڃڻ جا اطلاع مليا، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو. موسميات کاتي جي چيف ميٽرولوجسٽ مطابق اسان جي اڳڪٿي هئي ته برساتن جو هي سسٽم اڱاري کان اثرانداز ٿيندو، پر سسٽم هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪراچي ۾ اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويو، شهر ۾ آنداري سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي. اڱاري تي به منجهند يا شام جي وقت آنداري ۽ گجگوڙ سان ڪراچي ۾ برسات وسڻ جو امڪان آهي. 15 سيپٽمبر تائين سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين ۽ ميرپورخاص سميت حيدرآباد، مٽياري، ٺٽو، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمد خان ۽ سجاول ۾ برسات جو امڪان آهي. هوڏانهن بلديه ٽائون جي علائقي پڪوڙا چوڪ وٽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 18 ورهين جو حماد رفيق فوت ٿي ويو. سعودآباد ۾ پڻ بجلي جي ڪرنٽ ۾ 27 ورهين جي منير شفيع دم ڏنو. ڏيپلي ۾ گذريل رات برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب ڳوٺ ڪنڊڙو لنڊ جا 2 نوجوان 30 سالن جو موسو ولد الهبچايو ۽ 35 سالن جو يعقوب ولد ھاشم لنڊ فوت ٿي ويا. جهڏي ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جاري رهي. برسات سبب پراڻ ڍورو ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب رهواسين ۾ سخت خوف ڇانيل آهي. سامارو ۽ ڀرپاسي ۾ ٻئي ڏينھن به زوردار برسات پئي، جنھن سبب متاثرن جا اھنج وڌي ويا. اهڙي طرح حيدرآباد، عمرڪوٽ، ڪلوئي، چمبڙ، ڊگهڙي، ٺٽو، نيو سعيدآباد، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، گجو ۽ گھارو سان گڏ سامونڊي توڙي ڪوھستاني پٽي ۾ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو جاري رهيو. برسات جي وسڪاري سنڌو درياءُ جي بچاءُ بندن سميت مختلف ھنڌن تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لا مصيبتون پيدا ڪري ڇڏيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button