پاڪستان

پرويز الاهي کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون، پي ڊي ايم پنجاب ۾ تڪڙي تبديلي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

حڪمران اتحاد پي ڊي ايم پنجاب ۾ به صوبائي حڪومت جي تڪڙي تبديلي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف نمبر گيم کي ڦيرائڻ لا ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. پي ڊي ايم ۾ شامل پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن دعويٰ ڪئي آهي ته پنجاب ۾ حڪومت جي تبديلي جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته نواز ليگ به تمام جلد حتمي رٿابندي سامهون آڻڻ جي دعويدار آهي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت ۾ حصيدار مسلم ليگ (ق) ۽ تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته ڇانگا مانگا جي سياست ڪندڙ هڪ دفعو ٻيهر منڊي لڳائڻ چاهين ٿا پر نمبر گيم ۾ اسان محفوظ آهيون. پنجاب جي سينيئر وزير ميان اسلم اقبال چيو ته پي ڊي ايم جي دعوائن سان ڪا به پريشاني ناهي. اطلاعات واري صلاحڪار عمر سرفراز چيما چيو ته هاڻي ڪير به عمران خان جو ساٿ نه ڇڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button